ڪانگ/ڪانءُ

ڪانگ/ڪانءُ

ڪانگ ڪانءُ

ڪانگ/ڪانءُ: هيءُ پکي سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۽ ننڍي کنڊ ايشيا ۾ عام جام ڏسڻ ۾ ايندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن پکي کي ’ڪانگل‘، ’ڪانگڙو‘ ۽ ’ڪانگ‘ به چوندا آهن. سنڌ ۾ ڪانگن کي پيغام آڻيندڙ طور به سڃاتو وڃي ٿو. انگريزيءَ ۾ هن پکيءَ کي ‘House Crow’، ‘Sind House Crow’، ‘Robberts of Pakistan’ يا ‘Indian House Crow’ ۽ سائنسي زبان ۾ ‘Corvus splendens’ سڏيو ويندو آهي. هن پکي جو تعلق ‘Corvidae’ خاندان سان آهي.
ڪانءُ/ ڪانگ، جسامت ۾ 43 کان 45 سينٽي ميٽر ڊگهو، پرن جي ڊيگهه 25.5 کان 29 سينٽي ميٽر، پڇ جي ڊيگهه 17 سينٽي ميٽر جي لڳ ڀڳ، چھنب 51 کان 56 ملي ميٽر ۽ وزن ۾ 266 کان 280 گرام تائين هوندو آهي. هن پکي جو مجموعي رنگ ڪارو ٿئي ٿو، جنھن ۾ مٿو، ڳچي ۽ ڪلنگو چمڪندڙ تيز ڪاري رنگ جو ٿئي ٿو. جڏهن ته ڳچيءَ جو هيٺيون ۽ پويون حصو (ڪلنگي کان هيٺ) سرمائي رنگ جو ۽ پٺيءَ وارو سڄو حصو، پڇ تائين تيز ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي. پڇ ٿورو ڊگهو ۽ هيٺ جهڪيل هوندو آهي. ڇاتي جو هيٺانھون ۽ پيٽ وارو حصو هلڪي سرمائي کان گھري سرمائي رنگ جو ٿئي ٿو. ران جو حصو نمايان ۽ معمولي ماس وارو ٿيندو آهي، جڏهن ته چنبو ۽ ان کان مٿيون ڄنگهن جو حصو سنھو ۽ مڪمل ڪاري رنگ جو ٿئي ٿو. چھنب ٿلهي، مضبوط، ڊگهي ۽ ڪاري ٿئي ٿي. اکين جي پتلي جو رنگ گھرو ناسي ۽ ناسون ننڍن ننڍن ڪارن وارن سان ڍڪيل هونديون آهن. هن پکيءَ جا نر ۽ ماد ڏسڻ ۾ هڪجھڙا ٿين ٿا. پاڪستان اندر سنڌ ۽ پنجاب ۾ رهڻ پسند ڪندو آهي.عام طور هي پکي ڳوٺن، شھرن، انساني آباديءَ جي گهڻائي وارن علائقن ۽ ميداني علائقن وغيره ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. هن جو پڇ ڪي قدر ڊگهو هجڻ ڪري سنڌ ۾’ لڪو‘ به سڏين.
هي پکي داڻا توڙي گوشت وغيره کائيندو آهي. اڪثر اڪيلو ڏسبو آهي، پر گروهه پسند پکي آهي. خطري وقت ’ڪانءُ ڪانءُ‘ ڪري ٻين ڪانگن کي گڏ ڪندو آهي. هي پکي ويڙهاڪ به آهن، دشمن کي لامارن ۽ گهٽن سان چنبا هڻي زخمي ڪن ٿا. نسلي واڌ ويجهه لاءِ آکيرو جوڙيندو آهي. هي پکي جيتوڻيڪ سياڻو ۽ خبردار ٿئي ٿو، تنھن هوندي به ڪوئل ان جي آکيري ۾ آنا لاهي ويندي آهي. جيڪي هُو پنھنجا ٻچا سمجهي سنڀاليندو آهي. پنجاب جي گهڻن علائقن ۾ هن پکي جي نسلي واڌ ويجهه جو عمل مئي جي پڇاڙي يا جون جي ابتدا ۾ شروع ٿيندو آهي ۽ جولاءِ جي آخر تائين هلندو آهي.
مادي ڪانءُ چار آنا ڏيندي آهي. ڪانءُ جا بيضا ظاهري ڏيک ۽ شڪل ۾ ٻين پکين جي بيضن کان ٿورا مختلف ٿيندا آهن. جيڪي نيراڻ مائل سائي رنگ جي آميزش سان ميٽائين رنگ جا ٿين ٿا، جن تي ڳاڙهي، سليٽي ۽ گھري ڳاڙهسري ڀوري (Sepia-Brown) رنگ جا چٽا ۽ لڪيرون ٿينديون آهن. آري جي ذميواري صرف ماديءَ تي هوندي آهي، پر ماديءَ جي غير موجودگيءَ ۾ نر پکي مختصر وقت لاءِ آري تي ويھندو آهي. آري جو عرصو 16 کان 17 ڏينھن تي مشتمل هوندو آهي، جڏهن ته نون ڄايل ٻچن جا کنڀ اچڻ ۾ 22 کان 25 ڏينھن لڳندا آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي هن پکي کي قاصد/ پيغام رسائيندڙ طور ڳايو آهي. هڪ اندازي موجب شاهه جي ڪلام ۾ لڳ ڀڳ 41 ڀيرا ڪانءُ (پکي) جو ذڪر ملي ٿو.
تنھنجي تات طلب، ڪانگ اڏايم ڪاڪ جا. (شاهه)
ان کانسواءِ هندي شاعري ۾ هن پکي جو تمام گهڻو ذڪر ملي ٿو.
ڪاگا سڀ تن کائيو، چُن چُن کائيو ماس،
اي دو نينان مت کائيو، ان ڪو پيا ملن ڪي آس. (ڀڳت ڪبير)


هن صفحي کي شيئر ڪريو